بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان جي رهائشگاهه ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا.
هندوستان ٽائمز موجب اهو واقعو ممبئي جي علائقي بينڊ اسٽينڊ ۾ واقع شاهه رخ خان جي رهائشگاهه تي پيش آيو، جتي گهر جي لان ۾ ٻه نانگ ڏٺا ويا.
رپورٽ موجب نانگن جي موجودگي جي اطلاع ملڻ کانپوءِ نانگ پڪڙيندڙ وڪي دوبے کي رات 8 وڳي طلب ڪيو ويو.
ريسڪيو آپريشن دوران هڪ نانگ ڏاڪڻ جي هيٺان کان پڪڙيو ويو، جڏهن ته ٻيو نانگ ڦسلندي گهر اندر داخل ٿي ويو.
بعد ۾ ٻئي نانگ کي به ڳولي قابو ڪيو ويو. ٻنهي مان هڪ نانگ جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ 8 فوٽ ڊگهي انڊين ريٽ اسنيڪ طور ڪئي وئي، جيڪو زهريلو نه هوندو آهي.
ريسڪيو ٽيم نانگن کي رهائشي علائقي کان پري کڻي وڃي سندن قدرتي مسڪن ۾ آزاد ڪري ڇڏيو.
نانگن جي غير زهريلي هجڻ جي تصديق کانپوءِ ’منت‘ جي سيڪيورٽي گارڊن ۽ عملي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته ممبئي جي بينڊ اسٽينڊ علائقي ۾ واقع شاهه رخ خان جي رهائشگاهه ’منت‘ دنيا جي مشهور ترين شخصيتن جي رهائشگاهن ۾ شمار ٿيندي آهي.