ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ناڪام، گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ڇهين ڏينهن ۾ داخل

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ناڪام، گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ڇهين ڏينهن ۾ داخل

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي. گڊز ٽرانسپورٽرز جي صدر نبيِل محمود طارق جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهن، حڪومت ڊيزل جي قيمتن ۾ روزاني تبديلي ختم ڪرڻ تي تيار ناهي، جنهن سبب هڙتال غيرمعيّن مدت تائين جاري رهندي. هن چيو ته حڪومت جي لچڪ نه ڏيکارڻ سبب ڳالهيون ناڪام ٿيون، جڏهن ته حڪومت ٽول ٽيڪس ۾ گهٽتائي يا ان جي شرح هڪ سال تائين برقرار رکڻ تي به راضي ناهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪسٽمز ۽ لوڊ ايڪسل تي معمولي رعايت جي ڳالهه ڪري رهي هئي، جيڪا ٽرانسپورٽرز کي قبول ناهي. گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب ڀاڄين ۽ ميون جي ترسيل متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سان قيمتن ۾ واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. بلوچستان ۾ هڙتال سبب ڪڪڙ سميت ڪجهه کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي ويون آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڪڪڙ جو گوشت 500 کان وڌي 550 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ننڍين گاڏين ذريعي ڀاڄين جي ترسيل جاري آهي.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک …
21 Aug 2026
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري شيون مهانگيون
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري …
21 Aug 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏ…
21 Aug 2026
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ…
21 Aug 2026
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن ک…
22 Aug 2026
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون ختم، درآمدي ڊيٽا اپڊيٽ
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگي…
22 Aug 2026
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا: شماريات کاتو
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا…
22 Aug 2026
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽ مارجنز ادا ڪرڻ تي مجبور
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽…
24 Aug 2026
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 93 سيڪڙو وڌي ويا
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 9…
24 Aug 2026
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي …
24 Aug 2026