ڪراچي: آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري آهي، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو آهي۔
گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون، هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
ملڪ شهزاد اعوان جو چوڻ آهي ته ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻي، اسان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا، پر مطالبن تي واضح اڳڀرائي ضروري آهي۔
واضح رهي ته آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ روزاني ردوبدل خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي۔