اسلام آباد: فنانس ايڪٽ تحت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڏيتي ليتي جي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي مرڪزي ڊيٽا حب کي رپورٽ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي
ايڪٽ تحت وڏي مالياتي ڏيتي ليتي ۾ ٽيڪس ۽ بئنڪ جي معلومات جو پاڻمرادو مقابلو ڪيو ويندو، جڏهن ته معلومات ۾ عدم مطابقت جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
فنانس ايڪٽ 27-2026 تحت بئنڪن ۽ اليڪٽرانڪ مني انسٽيٽيوشنز (EMIs) لاءِ اهڙن اڪائونٽ هولڊرن جي مالي معلومات ايف بي آر جي مرڪزي ڊيٽا حب کي فراهم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.