ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ معمولي اضافو ٿي ويو
اداره شماريات موجب ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هڪ هفتي دوران 20 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته 9 شيون سستيون ۽ 22 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.
اداره شماريات ٻڌايو ته بصر 10.1 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ 9.19 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جڏهن ته چڻن جي دال 2.4 سيڪڙو، گيهه ۽ اٽي سميت ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.
اداره شماريات موجب ٽماٽا 6.82 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته ايل پي جي، کنڊ، انڊا ۽ آلو پڻ سستا ٿيا.