ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 3 کان 6 آڪٽوبر تائين هلڪي ۽ وچولي شدت جي برسات پوندي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به ٿي سگهي ٿو، جيڪو زرعي علائقن ۾ فصلن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد سميت ٻين شهرن ۾ برسات سبب روڊن تي پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ به 2 کان 7 آڪٽوبر تائين برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته سوات، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ دير جهڙن پهاڙي علائقن ۾ تيز برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا خطرا موجود آهن، جنهن سبب مقامي آبادي ۽ مسافرن کي خاص احتياط ڪرڻي پوندي. ساڳي ريت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ۽ 3 آڪٽوبر تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 کان 7 آڪٽوبر دوران مٿاهين علائقن ۾ برفباري ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. برفباري سبب رستن جي بندش ۽ ٽريفڪ جي روانگي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ ۾ به برساتن جو هڪ سلسلو اڄ رات کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 3 آڪٽوبر تائين جاري رهي سگهي ٿو. ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو ۽ ميرپورخاص سميت ٻين ضلعن ۾ تيز برساتن سبب نشيبي علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ، ٽريفڪ جام ۽ بجلي جي فراهمي ۾ وقفي وقفي سان معطلي جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. مقامي انتظاميا کي خبردار ڪيو ويو آهي ته نيڪالي واري نظام کي بهتر بڻائي عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ 4 کان 6 آڪٽوبر دوران تيز هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. تربت، گوادر، پسني ۽ اورماڙي سميت ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب سامونڊي لهرون بلند ٿي سگهن ٿيون. ماہیگيرن کي به احتياط ڪرڻ ۽ سامونڊي سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته مسلسل برساتن جي نتيجي ۾ نچن علائقن ۾ شهري ٻوڏ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ پهاڙي علائقن ۾ لٿاڻ جا خطرا وڌي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ فصلن کي نقصان پهچڻ، بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ، ٽريفڪ حادثن ۾ اضافو ۽ روزمره جي زندگي متاثر ٿيڻ جا امڪان به موجود آهن. کاتي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پاڻي وارن هنڌن کان پري رهن ۽ ايمرجنسي حالتن ۾ مقامي انتظاميا سان رابطو ۾ رهن
ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
سونے کی قیمتوں میں ایک دن کمی کے بعد آج بڑا اضافہ
سونے کی قیمتوں میں ایک دن کمی کے بعد آج بڑا اضافہ
21 May 2026
مٽي جي تيل جي قيمت ۾ في ليٽر 1 رپيو 71 پئسا اضافو
مٽي جي تيل جي قيمت ۾ في ليٽر 1 رپيو 71 پئسا اضافو
23 May 2026
سون جي قيمت ۾ وري وڏو اضافو، في تولو ڪيتري ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي؟
سون جي قيمت ۾ وري وڏو اضافو، في تولو ڪيتري ۾ وڪرو …
25 May 2026
 موبائل فونز جي درآمدات ۾ وڌيڪ اضافو، 10 مهينن ۾ 455 ارب رپين کان وڌيڪ فون درآمد
موبائل فونز جي درآمدات ۾ وڌيڪ اضافو، 10 مهينن ۾ 4…
25 May 2026
آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي اميدن سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو
آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي اميدن سبب پاڪستان اسٽاڪ م…
25 May 2026
 ٻه سال ۾ پيٽروليم ليوي مان 2,700 ارب رپين کان وڌيڪ وصولي، آءِ ايم ايف قرض پروگرامن کان به وڌيڪ رقم
ٻه سال ۾ پيٽروليم ليوي مان 2,700 ارب رپين کان وڌي…
25 May 2026
وفاقي بجيٽ جي تاريخ تبديل، بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪئي ويندي
وفاقي بجيٽ جي تاريخ تبديل، بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪئ…
02 Jun 2026
پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ ٻيهر وڏو اضافو
پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ ٻيهر وڏو اضافو
02 Jun 2026