حڪومت پاران مٽي جي تيل جي قيمت ۾ في ليٽر 1 رپيو 71 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي۔
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب واڌ کان پوءِ مٽي جي تيل جي نئين قيمت 313 رپيا 44 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔
واضح رهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار ٻئي هفتي به گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي۔
ماهرن موجب مٽي جي تيل جي اگهه ۾ واڌ جو اثر خاص طور تي انهن علائقن تي پئجي سگهي ٿو جتي اڃا تائين گهريلو استعمال لاءِ مٽي جي تيل تي ڀاڙيو وڃي ٿو۔