ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي ويو

آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي ويو


آمريڪا طرفان پابندين ۾ ڏنل ڇوٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايران جو لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي ويو آهي.

آمريڪي جريدي بلومبرگ موجب جهازن جي ٽريڪنگ ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي لکين بيرل خام تيل سان ڀريل ٽينڪر خليج فارس کان وٺي آبنائے ملاڪا تائين يا ته سفر ۾ آهن يا بيٺل آهن.

رپورٽ موجب جيڪڏهن وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب آمريڪي ناڪابندي ٻيهر سخت ڪئي وئي ته ايران جا لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ بيرل خام تيل ۽ ريفائنڊ پيٽروليم شيون به ڦاسي سگهن ٿيون.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا آبنائے هرمز ۾ ڪمرشل جهازن کي نشانو بڻائڻ جو الزام ايران تي لڳائيندي، ايران جي تيل جي وڪرو تي ٻيهر پابندي لاڳو ڪئي هئي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت تحت ايران کي 21 آگسٽ تائين تيل وڪڻڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر هاڻي آمريڪي خزاني واري کاتي نئين پابندي لاڳو ڪندي اها مدي 17 جولاءِ تائين محدود ڪري ڇڏي آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في لي…
04 Jul 2026
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپيا سستو
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپي…
04 Jul 2026
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو ا…
07 Jul 2026
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري جو انڪشاف
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني…
07 Jul 2026
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي خريد ڪرڻ تي مجبور
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪي…
08 Jul 2026
ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ، نئون نوٽيفڪيشن جاري
ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ، نئون نوٽيفڪيشن جاري
10 Jul 2026
پاڪستان ايل اين جي جو هڪ ٻيو اسپاٽ ڪارگو خريد ڪري ورتو
پاڪستان ايل اين جي جو هڪ ٻيو اسپاٽ ڪارگو خريد ڪري …
11 Jul 2026
فلور مل مالڪن پاران ايڪس مل اگهه ۾ 8 رپيا في ڪلو گهٽتائي جو اعلان
فلور مل مالڪن پاران ايڪس مل اگهه ۾ 8 رپيا في ڪلو گ…
13 Jul 2026
پنجاب ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پيٽرول پمپن ڏانهن ايندھن جي فراهمي محدود ڪري ڇڏي
پنجاب ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پيٽرول پمپن ڏانهن ايند…
16 Jul 2026
ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون لڳاتار چوٿين ڏينهن به وڌي ويون
ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمت…
16 Jul 2026