ڪراچي: فلور مل مالڪن ايڪس مل اگهه ۾ في ڪلو 8 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي هدايت تي ڪراچي ۾ اٽي جي اگهن بابت ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ۽ فلور مل مالڪن وچ ۾ ڪمشنر آفيس ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران فلور مل مالڪن ايڪس مل اگهه ۾ في ڪلو 8 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
فلور مل مالڪن جي فيصلي کان پوءِ اٽي جو ايڪس مل اگهه 133 رپين مان گهٽجي 125 رپيا في ڪلو ٿي ويندو. هن فيصلي کان پوءِ اٽي جي هول سيل ۽ پرچون اگهن ۾ به گهٽتائي ايندي. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي واري فيصلي تي فوري طور عملدرآمد ڪيو ويندو.
ان موقعي تي فلور ملز ايسوسيئيشن اعلان ڪيو ته شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گهٽ اگهه تي اٽي جا فيئر پرائس اسٽال پڻ لڳايا ويندا.