ڪراچي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بابت نئون سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نون اگهن موجب ريگيولر اٽو هول سيل 110 رپين مان وڌائي 122 رپيا في ڪلو، جڏهن ته ريٽيل قيمت 113 رپين مان وڌائي 125 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. ساڳئي ريت فائن اٽو هول سيل 118 رپين مان وڌائي 132 رپيا ۽ ريٽيل 121 رپين مان وڌائي 135 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چڪي جي اٽي جي ريٽيل قيمت 145 رپيا في ڪلو برقرار رکي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي هدايت ڪئي آهي ته سڀئي دڪاندار سرڪاري اگهن واري فهرست نمايان هنڌ تي لڳائن، جڏهن ته سرڪاري اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.