ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ ۾ پاڪستان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي لڳاتار ٽين فتح پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
پاڪستان گروپ جي آخري ميچ ۾ ٿائيلينڊ کي 3-0 تان شڪست ڏني. پاڪستاني ٽيم 25-19، 25-19 ۽ 25-23 جي اسڪور سان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ٽنهي ميچن ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد پاڪستان گروپ سي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستاني ٽيم اڳ ئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي.
ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڪرغزستان ۽ ٻي ميچ ۾ قازقستان کي شڪست ڏئي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو.
هاڻي پاڪستاني ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ به پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.