فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ائٽلانٽا ۾ کيڏيل ميچ جي ٻئي هاف ۾ انگلينڊ 55هين منٽ ۾ گورڊن جي گول وسيلي 1-0 جي برتري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ارجنٽينا شاندار واپسي ڪندي 85هين منٽ ۾ فرنانڊس جي گول سان اسڪور 1-1 برابر ڪري ڇڏيو. ميچ جي آخري مرحلي ۾ مارٽينز فيصلائتو گول ڪري ارجنٽينا کي 2-1 جي برتري ڏياري، جنهن سان ٽيم فائنل ۾ پهچي وئي. ان سان گڏ ارجنٽينا انگلينڊ جو 60 سالن کان پوءِ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو خواب به چڪناچور ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته فائنل ۾ ارجنٽينا جو مقابلو آچر جي رات اسپين سان ٿيندو، جڏهن ته انگلينڊ ٽئين پوزيشن لاءِ ڇنڇر جي رات فرانس سان مقابلو ڪندو.