ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بحالي پروگرام تي رضامند، عارضي معطلي ختم

محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بحالي پروگرام تي رضامند، عارضي معطلي ختم


قومي ڪرڪيٽر محمد نواز آءِ سي سي جي اينٽي ڊوپنگ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪندي بحالي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ سندس عارضي معطلي ختم ڪئي وئي آهي.

آءِ سي سي موجب، 32 ورهين جي آل رائونڊر محمد نواز جو ڊوپ ٽيسٽ 7 فيبروري 2026ع تي سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ نيدرلينڊز خلاف آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچ کان پوءِ ورتو ويو، جنهن ۾ سندس نموني ۾ هڪ ممنوعه مادو موجود هجڻ جي تصديق ٿي.

آءِ سي سي جي اينٽي ڊوپنگ ضابطن تحت، 7 فيبروري کان پهرين مئي 2026ع تائين محمد نواز جون سڀئي ميچ ڪارڪردگيون ۽ رڪارڊ رد قرار ڏنا ويا آهن.

آءِ سي سي موجب، محمد نواز اعتراف ڪيو آهي ته هن ممنوعه مادو راند کان ٻاهر استعمال ڪيو هو ۽ ان جو مقصد راند دوران ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ نه هو.

ڪرڪيٽ جي عالمي اداري کيس ٽن مهينن لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي، جڏهن ته اها سزا پهرين مئي 2026ع کان لاڳو سمجهي ويندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ان تاريخ کان هن رضاڪارانه طور عارضي معطلي اختيار ڪئي هئي.

آءِ سي سي وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن محمد نواز ممنوعه مادي جي استعمال بابت بحالي پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪندو ته سندس نااهلي جي مدت ٽن مهينن بدران هڪ مهينو تصور ڪئي ويندي.

آءِ سي سي موجب، محمد نواز بحالي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ سندس عارضي معطلي ختم ڪئي وئي آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اوهين معصومن جا قاتل آهيو: بوسنيا جي رانديگرن جو اسرائيلين سان هٿ ملائڻ کان انڪار
اوهين معصومن جا قاتل آهيو: بوسنيا جي رانديگرن جو ا…
03 Apr 2026
  نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه رکي ته ٽيم مان نڪرندو: فيصل ايوب
نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه …
03 Apr 2026
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏندي
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏند…
03 Apr 2026
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون پرڏيهي رانديگر بڻجي ويو
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون…
16 Apr 2026
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو …
18 Apr 2026
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 256 رنسن جو هدف
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪام…
20 Apr 2026
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتا…
14 Jul 2026
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپ…
15 Jul 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ …
16 Jul 2026
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ هوا جي معيار بابت الرٽ جاري
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ…
17 Jul 2026