يفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ هوا جي معيار بابت هيلٿ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ ۽ نيو جرسي جي اختيارين ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ لڳل باهه مان نڪرندڙ دونهي سبب ايئر ڪوالٽي الرٽ جاري ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ڪينيڊا جي جهنگلن جو دونهو نيويارڪ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب هوا جي معيار تي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. نيو جرسي اسٽيڊيم آچر ڏينهن ارجنٽينا ۽ اسپين وچ ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ فائنل جي ميزباني ڪندو. اسپين جي ٽيم نيو جرسي ۾ ٽريننگ سيشن مڪمل ڪيو، جڏهن ته هوا جي معيار بابت ڪنهن به قسم جا خدشا ظاهر نه ڪيا ويا. ارجنٽينا جي ٽيم اڄ کان فائنل کان اڳ پنهنجي ٽريننگ شروع ڪندي، جڏهن ته ماهرن موجب تيز هوائون ۽ برسات ئي نيويارڪ مان دونهي جي ڪڪرن کي ختم ڪري سگهن ٿيون.