ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار

قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار

قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي مدي وارن ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ پيڊل اسپورٽس جي سهولت پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

پيڊل اسپورٽس لاءِ قومي ڪرڪيٽرن کي هاڻي پري وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، ڇو ته هو ڪرڪيٽ سان گڏ پيڊل اسپورٽس جو شوق به پورو ڪري سگهندا ۽ پنهنجي فٽنيس کي به بهتر بڻائي سگهندا.

ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پيڊل اسپورٽس کيڏڻ ۾ آسان آهي ۽ فٽنيس لاءِ تمام فائديمند آهي. هن چيو ته اڳ رانديگر پيڊل کيڏڻ لاءِ پري ويندا هئا، پر هاڻي اها سهولت نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ئي موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته ڊگهن ڪيمپن دوران رانديگرن کي اهڙو ماحول ۽ سهولتون ڏيون، جن سان سندن راند ۾ وڌيڪ بهتري اچي.

عاقب جاويد وڌيڪ چيو ته ڊگهي ڪيمپ دوران ضروري ناهي ته رانديگر صرف ڪرڪيٽ ئي کيڏن، تنهن ڪري هر ٻئي ڏينهن پيڊل اسپورٽس کيڏڻ لازمي هوندو، جتي رانديگر لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين پيڊل کيڏي سگهندا. هن چيو ته هن راند سان فٽنيس بهتر ٿيندي ۽ رانديگرن جي موومينٽ ۾ بهتري ايندي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو فيلڊنگ ۾ پڻ ملندو.

هن وڌيڪ چيو ته باسڪيٽ بال ڪورٽس به منصوبي جو حصو آهن ۽ باسڪيٽ بال کيڏڻ سان به ڪرڪيٽرن کي فائدو ٿيندو. ڪرڪيٽرن لاءِ هڪ گيم روم پڻ تيار ڪيو پيو وڃي، جتي سنوڪر سميت ٻيون رانديون به موجود هونديون.

عاقب جاويد چيو ته دنيا ڀر جا رانديگر صرف پنهنجي بنيادي راند تائين محدود ناهن هوندا، پر هو ٻين راندين ۾ به حصو وٺندا آهن ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪندا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اوهين معصومن جا قاتل آهيو: بوسنيا جي رانديگرن جو اسرائيلين سان هٿ ملائڻ کان انڪار
اوهين معصومن جا قاتل آهيو: بوسنيا جي رانديگرن جو ا…
03 Apr 2026
  نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه رکي ته ٽيم مان نڪرندو: فيصل ايوب
نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه …
03 Apr 2026
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏندي
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏند…
03 Apr 2026
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون پرڏيهي رانديگر بڻجي ويو
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون…
16 Apr 2026
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو …
18 Apr 2026
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 256 رنسن جو هدف
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪام…
20 Apr 2026
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتا…
14 Jul 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ …
16 Jul 2026
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ هوا جي معيار بابت الرٽ جاري
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ…
17 Jul 2026
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بحالي پروگرام تي رضامند، عارضي معطلي ختم
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بح…
17 Jul 2026