ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
31 اگست 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت

چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت

چيٽ جي پي ٽي دنيا جو مشهور آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) اسسٽنٽ آهي، جنهن کي مسلسل بهتر بڻايو پيو وڃي. هاڻي ان ۾ اهڙو نئون فيچر شامل ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، جيڪو صارفين لاءِ خاص طور تي حساس معلومات واري چيٽس کي محفوظ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

اينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب چيٽ جي پي ٽي جي اينڊرائيڊ ايپ ۾ نئين فيچر جا اشارا مليا آهن، جنهن تحت صارف پنهنجي حساس چيٽ کي پن ڪوڊ يا فنگر پرنٽ اسڪين ذريعي لاڪ ڪري سگهندا.

رپورٽ موجب ايپ ۾ ”Lock Chats“ ۽ ”Protect Chats“ جهڙا آپشن نظر آيا آهن. ڪنهن چيٽ کي لاڪ ڪرڻ کانپوءِ ان جو عنوان ۽ مواد سائڊ بار، چيٽ هسٽري ۽ سرچ نتيجن ۾ نظر نه ايندو.

چيٽ جي پي ٽي ۾ اڳ ئي Temporary Chats جو فيچر موجود آهي، جنهن ۾ چيٽ بند ڪرڻ کانپوءِ مواد ڊليٽ ٿي ويندو آهي ۽ اڪائونٽ ۾ پڻ نظر نه ايندو. جڏهن ته لاڪ چيٽس جو مقصد حساس معلومات کي وڌيڪ وقت تائين محفوظ رکڻ هوندو.

في الحال هن فيچر بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن ۽ اهو پڻ واضح ناهي ته لاڪ ٿيل چيٽس ۾ ميموري ۽ ريڪال فيچرز ڪيئن ڪم ڪندا. اهو به معلوم ناهي ته هي فيچر صارفين لاءِ باضابطه طور ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي ان بابت خبر ناهي
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي،…
31 Jul 2026
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026