اسلام آباد: سپارڪو پاڪستان جي پهرين قمري گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سپارڪو موجب پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو نالو ملڪ گير مقابلي دوران وصول ٿيل تجويزن مان چونڊيو ويو، جنهن لاءِ سڄي ملڪ مان 4 هزار کان وڌيڪ تجويزون وصول ٿيون. سپارڪو ٻڌايو ته ’جناح-1‘ نالو 7 شرڪت ڪندڙن تجويز ڪيو، جنهن کانپوءِ فاتح جو انتخاب قرعه اندازي ذريعي ڪيو ويو ۽ بهاول نگر جي 17 ورهين جي طيب ڪريم کي ’جناح-1‘ نالو تجويز ڪرڻ تي فاتح قرار ڏنو ويو. چيئرمين سپارڪو چيو ته ’جناح-1‘ قائداعظم محمد علي جناح کي خراجِ عقيدت آهي ۽ اهو پاڪستان جي عزم، ترقي ۽ خلائي تحقيق جي نون افقن جي علامت آهي. ياد رهي ته پاڪستان جو پهريون قمري روور 2029ع ۾ چين جي ’چانگ اي-8‘ مشن ذريعي چنڊ ڏانهن روانو ٿيندو، جتي ’جناح-1‘ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي سائنسي تحقيق ڪندو.