ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نئون فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. WABetaInfo جي رپورٽ موجب اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ AI تي ٻڌل فوٽو ايڪسپينشن ٽول شامل ڪيو ويو آهي. هن ٽول ذريعي صارف پنهنجي موجوده تصويرن کي چيٽس ۽ اسٽيٽس لاءِ 9:16 فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهندا. هي فيچر ايپ جي اميج ڊرائنگ ايڊيٽر ۾ موجود هوندو، جتي اينيميٽ ۽ بئڪ گرائونڊ آپشنز سان گڏ نظر ايندو. صارف کي تصوير ايڊيٽر ۾ کولڻ کانپوءِ فلٽر سيڪشن مان هن ٽول تائين رسائي حاصل ڪرڻي پوندي. ميٽا AI تصوير جو تجزيو ڪري ان کي 9:16 فارميٽ ۾ تبديل ڪندو. جيڪڏهن صارف نتيجي کان مطمئن نه هجي ته ٽول ٻيهر استعمال ڪري سگهندو. رپورٽ موجب هي فيچر پهريان اسٽيٽس لاءِ دستياب ٿيندو ۽ ان کانپوءِ چيٽس ۾ متعارف ڪرايو ويندو. في الحال هي فيچر بيٽا ورزن ۾ آهي، تنهنڪري عام صارفين لاءِ ان جي دستيابي جي حتمي تاريخ واضح ناهي.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي ان بابت خبر ناهي
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي،…
31 Jul 2026
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026