جيڪڏهن توهان تازو ڪو فليگ شپ اسمارٽ فون خريد ڪيو آهي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ان لاءِ اسڪرين پروٽيڪٽر جي ضرورت نه هجي. هاڻي ڪيترن ئي فليگ شپ اسمارٽ فونز ۾ ڪارننگ گوريلا اسڪرين پروٽيڪشن فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب اسڪرين تي خراشون پوڻ جو خطرو تمام گهٽ هوندو آهي. تنهن هوندي به گهڻا ماڻهو اسڪرين کي وڌيڪ تحفظ ڏيڻ لاءِ اسڪرين پروٽيڪٽر استعمال ڪندا آهن. اسڪرين پروٽيڪٽر فون کي اوچائي تان ڪرڻ جي صورت ۾ نقصان کان ڪجهه حد تائين بچائي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن فون تي لڳل اسڪرين پروٽيڪٽر ڪجهه عرصي کانپوءِ خراشن سبب خراب ٿي وڃي ته ان جي جاءِ تي نئون پروٽيڪٽر لڳائڻ بدران فون کي اصل اسڪرين سان پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اسڪرين کي محفوظ رکڻ لاءِ ان کي مٽي ۽ گرد کان صاف رکڻ ضروري آهي. نرم ڪپڙي ۽ مارڪيٽ ۾ موجود مناسب اسڪرين ڪليننگ فلوئڊ جي مدد سان اسڪرين جي باقاعده صفائي ڪرڻ سان مٽي ۽ گندگي سبب خراشن جو خطرو گهٽائي سگهجي ٿو.