ٽڪ ٽاڪ: ٽڪ ٽاڪ تي صارف تمام جلد پنهنجي دوستن کي رقم به موڪلي سگهندا
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي صارف هڪ ٻئي کي ڊائريڪٽ ميسجز (DMs) ذريعي رقم موڪلي سگهندا.
رپورٽ موجب جڏهن هي فيچر متعارف ڪرايو ويندو ته ڪمپني طرفان ٽڪ ٽاڪ پَي ذريعي اها سهولت فراهم ڪئي ويندي. ٽڪ ٽاڪ پَي سروس اڳ ئي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ٽڪ ٽاڪ شاپس تان خريداري لاءِ موجود آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن فيچر جو ڪوڊ آمريڪا ۾ آءِ فونز لاءِ ٽڪ ٽاڪ ايپ اندر نظر آيو آهي. ان ڪوڊ مان اشارو ملي ٿو ته رقم موڪليندڙ صارف ادائيگي سان گڏ ميسيج به شامل ڪري سگهندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن وقت هن فيچر جي آزمائش نه ٿي رهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي. ان ڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هي فيچر ڪڏهن ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو ٽڪ ٽاڪ طرفان مالي خدمتن کي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم جو حصو بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. 2026ع جي شروعات ۾ هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ برازيل جي مرڪزي بئنڪ ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، ته جيئن مالي ٽيڪنالاجي ڪمپني طور صارفين کي قرض ۽ ادائيگي جون خدمتون فراهم ڪري سگهي.
ٽڪ ٽاڪ کي عام طور سوشل ميڊيا پليٽ فارم سمجهيو ويندو آهي، پر ڪمپني آهستي آهستي ٻين شعبن ۾ به پنهنجو دائرو وڌائي رهي آهي، جن ۾ سرچ، ٽڪ ٽاڪ شاپ، ڊسڪوري ميپ، گيمز ۽ هوٽل بڪنگ شامل آهن.
ادائيگي جي سهولت فراهم ڪري ٽڪ ٽاڪ هن شعبي ۾ موجود ٻين ڪمپنين سان مقابلو ڪرڻ چاهي ٿي.