ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي

چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي


چين جي سائنسدانن هڪ انقلابي ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي جيڪا سامونڊي کاري پاڻي کي بغير بجلي جي پيئڻ لائق تازو پاڻي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. رپورٽن موجب روايتي طور سامونڊي پاڻي مان لوڻ الڳ ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ توانائي گهربل هوندي آهي، جنهن سبب اهڙا منصوبا گهڻو ڪري امير ملڪن تائين محدود رهندا آهن ۽ ماحول لاءِ نقصانڪار ٻارڻ جو استعمال به وڌي ويندو آهي. پر چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز ۽ شينزين يونيورسٽي جي ماهرن هڪ اهڙو پروٽوٽائپ سسٽم تيار ڪيو آهي جيڪو رڳو سج جي روشني تي هلي سگهي ٿو ۽ هڪ سال تائين بغير ڪنهن اضافي توانائي جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. محققن نئين فوٽو ٿرمل مواد ۽ نينو پارٽيڪلز کي ٽن-رخن واري ڍانچي سان جوڙي هڪ اهڙو نظام تيار ڪيو جنهن سان سامونڊي پاڻي مان لوڻ ڪڍڻ جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻجي ويو. تجربن دوران هن مواد سج جي گرمي جو 90.2 سيڪڙو جذب ڪيو، جڏهن ته پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ گهربل توانائي ۾ 45.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي. ننڍي پيماني تي ڪيل آزمائشي منصوبي ۾ هن سسٽم ذريعي تيار ڪيل تازو پاڻي زرعي زمين لاءِ استعمال ڪيو ويو، جتي ڪيترن هفتن تائين بنا بجلي جي صرف سج جي روشني سان پاڻي فراهم ڪيو ويو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان حاصل ٿيندڙ پاڻي جي لاڳت بوتل بند پاڻي خريد ڪرڻ کان به گهٽ آهي ۽ وڏي پيماني تي استعمال سان خرچن ۾ وڌيڪ بچت ممڪن ٿيندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026