ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟

اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟

اڄ دنيا ۾ فلڪيات جو هڪ ناياب منظر ڏسڻ ۾ ايندو، جتي زمين تي موجود لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني يا ان جي هلڪي روشني (ٽوائيلائيٽ) جو تجربو ڪندي.

الجزيره جي رپورٽ موجب، 8 جولاءِ تي دنيا جي لڳ ڀڳ 8.2 ارب ماڻهن مان 99 سيڪڙو ماڻهو هڪ ئي وقت يا ته مڪمل ڏينهن جي روشني ۾ هوندا يا وري ٽوائيلائيٽ جي ٽن مرحلن مان ڪنهن هڪ مرحلي ۾ موجود هوندا.

عام طور تي دنيا جي هڪ حصي ۾ ڏينهن هوندو آهي ته ٻئي حصي ۾ رات، پر اڄ تقريباً هڪ منٽ لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي، جڏهن دنيا جي وڏي اڪثريت سج جي روشني يا ان جي هلڪي روشني مان فائدو وٺندي.

ماهرن موجب، اهو منفرد منظر زمين جي جهڪاءَ (Earth's Tilt) ۽ اتر اڌ گولي ۾ جاري اونهاري جي موسم سبب ممڪن ٿيندو.

هن دوران اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جا گهڻا علائقا ڏينهن جي روشني ۾ هوندا، جتي دنيا جي آبادي جو وڏو حصو رهندو آهي.

جڏهن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ڪجهه علائقا، انٽارڪٽيڪا ۽ ڀرپاسي وارا سامونڊي علائقا رات جي حالت ۾ رهندا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، هر سال لڳ ڀڳ 18 مئي کان 17 جولاءِ تائين تقريباً 60 ڏينهن اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، جڏهن دنيا جي لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت ڏينهن يا ٽوائيلائيٽ جو تجربو ڪندي آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026