ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا

جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا


جاپان ۾ هڪ 15 ورهين جي هاءِ اسڪول جي شاگرد کي مبينا طور چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي بانڊائي نامڪو فلم ورڪس جي اسٽريمنگ سروس بانڊائي چينل تي سائبر حملو ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب هن حملي سبب سروس جا آپريشن متاثر ٿيا ۽ 46 هزار کان وڌيڪ صارفين جا اڪائونٽس ڊليٽ ٿي ويا.

پوليس موجب نومبر 2025ع ۾ نوجوان تي آن لائن اسٽريمنگ سروس خلاف فراڊ ذريعي ڪاروباري سرگرمين ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو شڪ آهي.

جاچ ڪندڙ اختيارين جو چوڻ آهي ته نوجوان پليٽ فارم جي سيڪيورٽي سسٽم ۾ موجود ڪمزوري جو فائدو وٺندي حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪمپني کي پنهنجي سروس جا ڪجهه حصا عارضي طور بند ڪرڻا پيا.

شاگرد ٻڌايو ته هن چوٿين جماعت کان ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، سورس ڪوڊ پاڻ تيار ڪيو، پر پروسيسنگ ۾ گهڻو وقت لڳڻ سبب چيٽ جي پي ٽي کان مدد ورتي ۽ ڪوڊ کي مختلف پروگرامنگ ٻولين ۾ مڪمل ڪيو.

پوليس موجب جوابدار پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو ته سندس بانڊائي نامڪو فلم ورڪس سان ڪا ذاتي دشمني نه هئي، هن صرف ان ڪري پليٽ فارم کي نشانو بڻايو، ڇاڪاڻ ته اتي ڪيترائي اڪائونٽس موجود هئا، جن ۾ هو لاگ اِن ڪري سگهيو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026