جيڪڏهن توهان انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذاريندا آهيو، جيڪا موجوده دور ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي سڀ کان عام عادت بڻجي چڪي آهي، ته اهو شخصيت لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو
حقيقت ۾ انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ ذهني دٻاءُ جي بلند سطح، چڙچڙاپڻ ۽ ٻين سرگرمين کان غفلت جو سبب بڻجي ٿو.
اها ڳالهه جرمني ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
Duisburg-Essen University جي تحقيق ۾ 900 ماڻهن کي هڪ سروي جو حصو بڻايو ويو ۽ انهن جي آن لائن عادتن بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا.
انهن جي انٽرنيٽ تي وقت گذارڻ جي مدت کي نظر ۾ رکي ٽن گروپن ۾ ورهايو ويو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته آن لائن تمام گهڻو وقت گذارڻ سان شخصيت تي ڪيترائي منفي اثر پون ٿا.
انهن ماڻهن کان ٻن هفتن تائين هر شام هڪ فارم ڀرايو ويو، جنهن ۾ کين پنهنجي مزاج، ذهني دٻاءُ جي سطح، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي خواهش جي شدت ۽ انٽرنيٽ تي گذاريل مجموعي وقت بابت رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
هن فارم جي مدد سان ڏٺو ويو ته اهي انٽرنيٽ مان ڪهڙي حد تائين لطف اندوز ٿين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻيون سرگرميون ڪهڙي حد تائين متاثر ٿين ٿيون.
نتيجن مان معلوم ٿيو ته تمام گهڻو وقت انٽرنيٽ تي گذاريندڙ ماڻهن ۾ چڙچڙاپڻ، ذهني دٻاءُ ۽ زندگي جي ٻين معاملن کي نظرانداز ڪرڻ جهڙا رويا عام هوندا آهن.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شديد خواهش ان جو سبب بڻجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي ان ۾ خوشي ۽ سڪون محسوس ڪن ٿا.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان واضح ٿئي ٿو ته آن لائن سرگرميون زندگي جي ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿين ٿيون.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو خطرو انٽرنيٽ جو تمام گهڻو استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
هن تحقيق جا نتيجا جرنل PLOS ONE ۾ شايع ٿيا.