يورپي يونين سوشل ميڊيا ڪمپني ميٽا کان فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي ڪجهه فيچرز بابت سوال اٿاريا آهن.
يورپي يونين ميٽا ڪمپني کان فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي اهڙن فيچرز تي اعتراض ڪيو آهي، جيڪي صارفين کي مسلسل اسڪرول ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، يورپي ڪميشن لامحدود اسڪرول، پاڻمرادو هلندڙ وڊيوز ۽ حد کان وڌيڪ ذاتي نوعيت وارين سفارشَن (Recommendations) ۾ تبديليون آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇاڪاڻتہ يورپي يونين ان کي ٻارن جي ذهني صحت لاءِ ضروري سمجهي ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ضابطن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ميٽا کي پنهنجي عالمي آمدني جي 6 سيڪڙو تائين جرمانو ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو.
ٻئي طرف، ميٽا انهن الزامن سان اختلاف ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي تحفظ لاءِ ڪمپني جيڪي قدم کنيا آهن، يورپي يونين پنهنجي رپورٽ ۾ انهن کي نظرانداز ڪيو آهي.