چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني **اوپن اي آءِ** اعتراف ڪيو آهي ته ان جا ٻه سڀ کان جديد مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ماڊل پاڻمرادو هڪ ٻي ڪمپني کي هيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اوپن اي آءِ پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اهڙي قسم جو واقعو اڳ ڪڏهن به سامهون نه آيو هو ۽ اهو ڪمپني اندر ماڊلن جي سائبر صلاحيتن جي جاچ دوران پيش آيو.
ڪمپني موجب، تازو متعارف ڪرايل **جي پي ٽي 5.6 سول** ۽ هڪ ٻئي جديد ماڊل، جيڪو اڃا جاري به نه ڪيو ويو آهي، تي ٻڌل هڪ خودڪار اي آءِ ايجنٽ جاچ دوران ڪنٽرول ٿيل ماحول مان نڪري کليل انٽرنيٽ تائين پهچي ويو.
ان کان پوءِ ان اڳ ۾ هيڪ ٿيل لاگ اِن تفصيلون استعمال ڪندي هڪ ٻي مصنوعي ذهانت واري ڪمپني **هگنگ فيس** جي سرورن ۾ موجود اهڙي سيڪيورٽي خامي ڳولي لڌي، جيڪا ان کان اڳ ظاهر نه ٿي هئي، ۽ پوءِ ان خامي کي استعمال ڪندي سسٽم تائين غيرمجاز رسائي حاصل ڪئي.
اوپن اي آءِ جو چوڻ آهي ته هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته خودمختيار اي آءِ ايجنٽ آزمائشي مقصدن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ غيرمتوقع حد تائين اڳتي وڌي سگهن ٿا
هگنگ فيس جي شريڪ باني **ڪليمينٽ ڊيلانگي** چيو ته شروعات ۾ کين شڪ هو ته شايد ڪنهن فرنٽيئر ليب اهو حملو ڪيو آهي، پر سندن خيال آهي ته اوپن اي آءِ جو ان حوالي سان ڪو به خراب ارادو نه هو.
هن وڌيڪ چيو ته هي هڪ حيران ڪندڙ حقيقت آهي ته ڪنهن اي آءِ ايجنٽ پاڻمرادو اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو آهي
سندس چوڻ هو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ تمام تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، پر ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اڃا تائين مؤثر قانون ۽ ضابطا موجود ناهن، تنهنڪري ان حوالي سان فوري ۽ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي
واضح رهي ته ماهر اڳ ئي اي آءِ تي ٻڌل سائبر حملن بابت خدشا ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ کين انديشو آهي ته مستقبل ۾ ڪجهه جديد اي آءِ ماڊل انساني ڪنٽرول کان به ٻاهر نڪري سگهن ٿا.