اسلام آباد ۾ نيشنل سائبر ايمرجنسي رسپانس ٽيم پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر حيدر عباس انڪشاف ڪيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان تي 400 کان وڌيڪ سائبر حملا ڪيا ويا، پر سڀني حملن کي وقت سر ناڪام بڻايو ويو. ڊاڪٽر حيدر عباس چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي ضرورت آهي، جيڪا وزيراعظم جي ماتحت هئڻ گهرجي. هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته ملڪ کي وڌندڙ سائبر خطرن ۽ رياستي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ سائبر حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ بااختيار نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا سڄي ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي جو انتظام وڌيڪ اثرائتي نموني سنڀالي سگهي.