اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ اهم سائنسي ڪاميابي حاصل ڪندي اهڙي زميني شوراب (Formation Water/Brine) ۾ ليٿيم جي موجودگي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن جي مقدار دنيا جي مشهور ليٿيم بردار جيوٿرمل شورابن جي برابر ٻڌائي پئي وڃي.
ذريعن موجب، اها دريافت او جي ڊي سي جي پائلٽ جيوٿرمل پروگرام تحت ڪاميابي سان آزمائيل هڪ اعليٰ درجه حرارت واري جيوٿرمل کوهه مان حاصل ٿيل فارمِيشن واٽر جي جديد جيوڪيميائي تجزيي دوران سامهون آئي.
او جي ڊي سي جي اعليٰ اختيارين موجب، پاڪستان ۾ هن نوعيت جي اها پهرين دريافت آهي. هن دريافت کان پوءِ پاڪستان انهن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي جيوٿرمل شوراب کي ليٿيم جي ممڪن ذريعي طور ڳولي رهيا آهن.
ليٿيم هڪ اهم معدنيات آهي، جيڪا عالمي سطح تي صاف توانائي ڏانهن منتقلي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. هي برقي گاڏين جي بيٽرين، وڏي پيماني تي توانائي ذخيرو ڪرڻ وارن نظامن ۽ ڪيترين ئي جديد ٽيڪنالاجيز جو لازمي جزو آهي.