ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
نوجوانن جي آن لائن تحفظ لاءِ پي ٽي اي ۽ ميٽا جو وڏو قدم

نوجوانن جي آن لائن تحفظ لاءِ پي ٽي اي ۽ ميٽا جو وڏو قدم


اسلام آباد (22 جولاءِ 2026): نوجوانن جي آن لائن تحفظ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا هڪ اهم قدم کڻي ڇڏيو آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ ميٽا پاڪستان ۾ نوجوانن جي آن لائن تحفظ، ڊجيٽل خواندگي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار تي ٻڌل فريم ورڪ تيار ڪرڻ خاطر ليٽر آف انٽينٽ تي صحيون ڪيون آهن.

هن گڏيل سهڪار ذريعي پاڪستان ۾ آن لائن مواد جي تحفظ سان لاڳاپيل معاملن تي باهمي ڳالهه ٻولهه، سهڪار ۽ اداري صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.

ان حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) حفيظ الرحمان چيو ته هن شراڪت جو مقصد ڊجيٽل خواندگي کي هٿي ڏيڻ، ذميواراڻي آن لائن روين کي فروغ ڏيڻ ۽ خاص طور ٻارن ۽ نوجوان استعمال ڪندڙن لاءِ محفوظ ۽ ڀروسي جوڳو ڊجيٽل ماحول فراهم ڪرڻ آهي.

واضح رهي ته پي ٽي اي ۽ ميٽا گڏيل طور تي اداري صلاحيتن ۾ واڌ، پاليسي سطح جي ڳالهه ٻولهه، آگاهي مهمن ۽ نوجوانن جي آن لائن تحفظ ۽ ڊجيٽل ڀلائي بابت عالمي بهترين طريقن جي ڏي وٺ لاءِ مختلف قدم کڻندا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026