ڪراچي: سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (SDTL) آٽو ڊس ايبل سرنجن جا 2 نمونا غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا
سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (SDTL) جي جاري ڪيل رپورٽ موجب، ٽيسٽ دوران 5 ملي ليٽر ۽ 3 ملي ليٽر آٽو ڊس ايبل سرنجن جا نمونا معيار تي پورو نه لهي سگهيا
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي سرنجن جا نمونا ميڊيڪل ڊيوائس رولز 2017 تحت غير معياري قرار ڏنا ويا، جڏهن ته غير معياري قرار ڏنل اهي سرنجون خيبرپختونخوا جي هڪ فارما ڪمپني تيار ڪيون هيون
ڊي جي SDTL عدنان رضوي ٻڌايو ته سرنجن ۾ آٽو ڊس ايبل ۽ ري يوز فيچر جا ٽيسٽ ناڪام ٿيا، جڏهن ته ٽيسٽنگ دوران سرنجن جو خودڪار حفاظتي نظام به اثرائتو ثابت نه ٿي سگهيو، تنهنڪري غير معياري آٽو ڊس ايبل سرنجون انجيڪشن جي محفوظ استعمال لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.
وڌيڪ، ٽيسٽ رپورٽون انسپيڪٽر ڊرگز ڪراچي ايسٽ ۽ سيڪريٽري ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ ڏانهن موڪلي ڇڏيون ويون آهن