ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي ان بابت خبر ناهي

جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي ان بابت خبر ناهي


اهو ڪيترن ئي ماڻهن سان ٿيندو آهي ته جڏهن هو جي ميل تي اي ميل لکن ٿا ۽ موڪلڻ کان پوءِ اوچتو کين احساس ٿيندو آهي ته اها ڪنهن غلط شخص کي موڪلي ويٺا آهن

ساڳيءَ طرح اي ميل لکڻ ۽ موڪلڻ کان پوءِ اوچتو اهو به محسوس ٿيندو آهي ته آٽو ڪوريڪٽ فيچر توهان جي لفظن کي تبديل ڪري انهن جي معنيٰ ئي بدلائي ڇڏي آهي.

پر هن شرمندگي کان بچڻ تمام آسان آهي، ۽ اهو جي ميل ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان موجود هڪ اهڙي فيچر سان ممڪن آهي، جنهن بابت حيرت انگيز طور تي اڃا تائين گهڻن ماڻهن کي خبر ئي ناهي.

هي فيچر "Undo Send" آهي، جنهن جي مدد سان موڪليل اي ميل کي واپس گهرائي سگهجي ٿو.

جي ميل طرفان هي فيچر اصل ۾ مارچ 2009ع ۾ سروس جو حصو بڻايو ويو هو، پر ڪيترن ئي سالن تائين اهو Gmail Labs جو حصو رهيو، جتي ان تائين رسائي صرف سيٽنگز ۾ وڃي حاصل ڪري سگهبي هئي.

2015ع ۾ ان کي باضابطه طور سڀني صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويو، ۽ هاڻي 11 سالن کان اهو دستياب آهي، پر اڃا تائين گهڻن ماڻهن کي ان بابت خبر ئي ناهي.

اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ جي ميل دنيا جي سڀ کان مشهور اي ميل سروس آهي، ۽ گوگل استعمال ڪندڙ لڳ ڀڳ هر ماڻهو وٽ جي ميل اڪائونٽ موجود هوندو آهي.

Undo Send فيچر جي مدد سان جيڪڏهن توهان ڪا اي ميل موڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ محسوس ڪيو ته ان ۾ ڪا تبديلي ڪرڻي آهي، غلط اي ميل ايڊريس تي موڪلي ويٺا آهيو يا ڪنهن به سبب ڪري توهان جو ارادو بدلجي ويو آهي، ته ان کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

جڏهن توهان ڪا اي ميل موڪليندا آهيو ته اسڪرين جي هيٺئين کاٻي ڪنڊ ۾ Undo جو آپشن نظر ايندو آهي، ۽ ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اي ميل ٻئي شخص تائين پهچڻ کان اڳ ئي واپس اچي ويندي آهي.

وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن اي ميل موڪلڻ کان پوءِ Undo ڪئي ويندي آهي ته جنهن شخص ڏانهن اي ميل موڪلي وئي هئي، ان کي ان بابت ڪا خبر به نه پوندي.

ڊيفالٽ طور Undo ڪرڻ جو وقت 5 سيڪنڊ هوندو آهي، پر جي ميل جي سيٽنگز ۾ وڃي توهان ان کي وڌائي 30 سيڪنڊن تائين ڪري سگهو ٿا.

جي ميل جو Undo Send فيچر هڪ انتهائي ڪارائتو فيچر آهي، جيڪو ماڻهن کي عام غلطين کان بچائي ٿو، ۽ اي ميل موڪلڻ کان پوءِ به توهان وٽ 30 سيڪنڊ هوندا آهن، جن دوران توهان اي ميل جو جائزو وٺي غلطي درست ڪري سگهو ٿا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026