ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟

گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟


گوگل ميپس هڪ تمام گهڻي ڪارآمد نيويگيشن ايپ آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، پر اڪثر رستن جي صحيح رهنمائي ڪئي ويندي آهي

گذريل سالن دوران ان ۾ ڪافي تبديليون ڪيون ويون آهن يا نوان فيچر شامل ڪيا ويا آهن، جيئن يوزر انٽرفيس وڌيڪ بهتر بڻجي سگهي.

پر ان جو سڀ کان نمايان فيچر ايپ اندر ٽريفڪ جي مختلف رنگن جو آهي.

گوگل ميپس ۾ ڪيترائي بصري اشارا هوندا آهن، جن مان ڪنهن روڊ جي سطح، هاءِ وي، انڊر گرائونڊ سرنگ يا ريلوي وغيره بابت ڄاڻ ملي ٿي.

پر ان سان گڏ گوگل ميپس مخصوص رنگ پڻ استعمال ڪندو آهي، جن جي ذريعي ڊرائيورن کي خبر پوندي آهي ته ڪنهن هنڌ تي ٽريفڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي.

گوگل ميپس جا بنيادي رنگ

ڪنهن هنڌ جي روڊن يا هاءِ ويز کي گرين لائينن سان ڏيکاريو ويندو آهي.

پر ان ۾ به فرق هوندو آهي، جيئن گهٽين يا ننڍن رستن لاءِ هلڪو گرين رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته وڏن رستن لاءِ ڳاڙهو گرين رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ريلوي لائينن لاءِ پڻ هلڪو گرين رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ٽريڪ لاءِ سنهيون لائينون استعمال ڪيون وينديون آهن، جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته اهو ٽرين جو ٽريڪ آهي.

جيڪڏهن ٽريفڪ جي ڳالهه ڪجي ته ان لاءِ گوگل ميپس ۾ ليئرز بٽڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.

سائو رنگ ان وقت استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ٽريفڪ رواني سان هلي رهيو هوندو آهي ۽ اهو ظاهر ڪندو آهي ته ٽريفڪ ۾ ڦاسڻو نه پوندو.

پيلو يا نارنگي رنگ ظاهر ڪندا آهن ته گاڏيون هلن ته پيون، پر انهن جي رفتار معمول کان گهٽ آهي ۽ توهان کي معمولي دير جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. پيلو رنگ معمولي سست رفتاري، جڏهن ته نارنگي رنگ وڌيڪ ٽريفڪ جو اشارو ڏئي ٿو.

ڳاڙهو رنگ بنيادي طور خبرداري وارو رنگ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڪنهن هنڌ تي ٽريفڪ تمام گهڻي آهي ۽ سفر جو وقت وڌي سگهي ٿو، يعني ٽريفڪ جام جو امڪان آهي.

جيڪڏهن هلڪو ڳاڙهو رنگ هجي ته اها وڌيڪ ٽريفڪ جي نشاني آهي، جڏهن ته گهرو ڳاڙهو رنگ سخت ٽريفڪ جام جو اشارو ڏئي ٿو.

نيرو رنگ اصل ۾ ٽريفڪ سان لاڳاپيل ناهي، پر اهو رستي جي رهنمائي جو اشارو ڏئي ٿو.

گهرو نيرو رنگ ترجيحي يا چونڊيل روٽ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هلڪو نيرو رنگ متبادل رستن جي تجويز ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي ان بابت خبر ناهي
جي ميل جو اهو بهترين فيچر جيڪو سالن کان موجود آهي،…
31 Jul 2026
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026