ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف

فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف

مشهور پيغام رساني واري ايپ واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي پرائيويسي کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ نئون ۽ منفرد يوزر نيم فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن فيچر جي اچڻ کان پوءِ صارفين کي پنهنجي دوستن، گهرڀاتين يا ٻين ماڻهن سان رابطو ڪرڻ لاءِ فون نمبر شيئر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي هر صارف هڪ منفرد يوزر نيم چونڊي سگهندو، جنهن جي ذريعي ماڻهو واٽس ايپ تي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهندا.

واٽس ايپ جي جاري ڪيل تفصيل موجب نئون يوزر نيم فيچر صارفين کي پنهنجي ذاتي فون نمبر کي لڪائي رکڻ ۽ وڌيڪ رازداري برقرار رکڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ميٽا جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪو صارف ڪنهن واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ٿيندو يا ڪنهن نئين شخص يا اداري سان پهريون ڀيرو رابطو ڪندو ته سندس فون نمبر ٻين صارفين سان پاڻمرادو شيئر نه ٿيندو، جنهن سان پرائيويسي جي تحفظ ۾ وڏي مدد ملندي.

ڪمپني موجب جڏهن صارف پنهنجو يوزر نيم چونڊي وٺندو ته پوءِ جيڪو به شخص ساڻس رابطو ڪرڻ چاهيندو، ان کي سندس صحيح يوزر نيم ڄاڻڻ ضروري هوندو. اهڙي طرح صارفين کي پنهنجي فون نمبر جي غيرضروري نمائش کان بچاءُ ملندو ۽ آن لائن سيڪيورٽي به بهتر ٿيندي.

ميٽا وڌيڪ ٻڌايو آهي ته دنيا ڀر ۾ واٽس ايپ جا لڳ ڀڳ ٽي ارب صارف موجود آهن، تنهن ڪري ممڪن آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي پسند جو يوزر نيم دستياب نه ملي سگهي. ان کان علاوه مشهور شخصيتن، معروف برانڊن ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا نالا عام صارفين لاءِ دستياب نه هوندا ته جيئن جعلسازي، فراڊ ۽ سڃاڻپ جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي.

هن نئين فيچر مان ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز، ننڍا ڪاروبار، ادارا ۽ مختلف برانڊ به فائدو حاصل ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجا مشهور يوزر نيم جيڪي انسٽاگرام، فيس بڪ يا ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي استعمال ڪن ٿا، ساڳيا نالا واٽس ايپ تي به استعمال ڪري سگهندا. واٽس ايپ جو هي قدم صارفين جي پرائيويسي، سيڪيورٽي ۽ آسان رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت
31 Jul 2026
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز کسجڻ جو خطرو، 500 ارب ڊالر وڃائڻ جو امڪان
ايپل کان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز ک…
01 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
گوگل ميپس ۾ نظر ايندڙ مختلف رنگ ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
03 Aug 2026
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهون اچي ويو
والدين ٻارن کي اسمارٽ فون ڇو ڏين ٿا؟ اهم سبب سامهو…
12 Aug 2026
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’جناح-1‘ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سپارڪو پاڪستان جي پهرين چنڊ گاڏي جو سرڪاري نالو ’ج…
13 Aug 2026
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ ڪارائتو فيچر شامل
گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل هنڌن کي هڪ ئي وقت لڪائڻ لاءِ…
13 Aug 2026
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪيئن محفوظ رکجي؟
اسمارٽ فون جي اسڪرين کي اسڪرين پروٽيڪٽر کانسواءِ ڪ…
17 Aug 2026
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريعي رقم به موڪلي سگهندا
ٽڪ ٽاڪ صارف جلد پنهنجي دوستن کي ڊائريڪٽ ميسجز ذريع…
20 Aug 2026
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
واٽس ايپ ۾ نئون اي آءِ فوٽو ايڊيٽنگ فيچر متعارف
21 Aug 2026
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت
چيٽ جي پي ٽي ۾ صارفين لاءِ اهم نئون فيچر، حساس چيٽ…
24 Aug 2026