واٽس ايپ طرفان ميسيجنگ سروس جي ويب ورزن لاءِ هڪ انتهائي اهم فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي
ڪمپني طرفان واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالن جي سپورٽ متعارف ڪرائي وئي آهي.
ان سان گڏ اسڪرين شيئرنگ ۽ ري ايڪشنز جي سپورٽ پڻ صارفين کي دستياب هوندي، جڏهن ته هڪ Calls ٽيب به ويب ورزن جو حصو هوندي، جتي توهان ڪال هسٽري ۽ فيورٽ رابطن کي ڏسي سگهندا.
ڪمپني موجب واٽس ايپ ويب ۾ ڪالن کي مڪمل End-to-End Encryption جو تحفظ حاصل هوندو ۽ ڪنهن به قسم جي ٽائيم لِمٽ جو سامنا نه هوندو.
ان سان گڏ توهان ڪنهن به ڪال کي هڪ ڊيوائس کان ٻي ڊيوائس تي بنا رڪاوٽ منتقل ڪري سگهندا.
يعني موبائل ايپ تان واٽس ايپ ويب ۽ واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ ايپ وغيره تي اهو ممڪن هوندو.
ڪمپني طرفان Noise Suppression کي پڻ ڪالن جو حصو بڻايو ويو آهي، جنهن سان بئڪ گرائونڊ جي آوازن کي ڪالن مان خارج ڪري سگهجي ٿو.
ميٽا ٻڌايو ته وڊيو ڪالن ۾ صارف HD Quality استعمال ڪري سگهندا ۽ اها سهولت ڪال شروع ٿيندي ئي فعال هوندي.
ڪمپني موجب انهن فيچرز جي فراهمي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ اهي تدريجي طور سڀني صارفين کي دستياب ٿيندا.