اڪثر والدين پنهنجي ٻارن کي اسمارٽ فون ڏئي ڇڏين ٿا ۽ هاڻي ان جو اهم سبب سامهون اچي ويو آهي
جيڪي والدين ذهني دٻاءَ جو شڪار هوندا آهن، اهي ٻارن کي ڊوائيس ڏئي مصروف يا پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اسڪرين ٽائيم جي حد مقرر نه ڪندا آهن.
آمريڪا جي فلوريڊا انٽرنيشنل يونيورسٽي جي سينٽر فار چلڊرن اينڊ فيمليز جي هن تحقيق ۾ 4 کان 8 سالن جي عمر وارن ٻارن جي پرورش ڪندڙ 822 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
انهن ماڻهن کان آن لائن سروي ذريعي ٻارن جي روين، والدين جي دٻاءَ ۽ اسڪرين ٽائيم بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا.
نتيجن مان معلوم ٿيو ته والدين اسمارٽ فون ان وقت وڌيڪ دير تائين ٻارن جي هٿن ۾ رکندا آهن، جڏهن ٻارن جو رويو ڏکيو محسوس ٿئي ٿو.
محققن ٻڌايو ته والدين کي پنهنجي ذهني دٻاءَ بابت مدد وٺڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪرڻ گهرجي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته والدين کي اسڪرين ٽائيم جي حد جو خيال رکڻ گهرجي ۽ ٻارن کي اهڙو بامقصد مواد ڏيکارڻ گهرجي، جيڪو انهن جي عمر لاءِ مناسب هجي.
محققن جو چوڻ هو ته والدين کي مناسب حدون مقرر ڪرڻ گهرجن ۽ ٻارن سان اهڙو وقت گذارڻ گهرجي، جيڪو صحتمند ماحول کي هٿي ڏئي.
ٻارن پاران اسمارٽ فونز تي وڌيڪ وقت گذارڻ بابت ڪافي تحقيق ٿي چڪي آهي.
جنوري 2026 جي هڪ تحقيق ۾ آن لائن مواد ۽ ٻارن جي نشونما سان لاڳاپيل مسئلن جي وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو هو.
اهڙي طرح آڪٽوبر 2024 ۾ جرنل بي ايم سي پبلڪ هيلٿ ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته اسڪرينن سامهون وڌيڪ وقت گذارڻ سان ذهني صحت تي منفي اثر پون ٿا، خاص طور تي 9 ۽ 10 سالن جي ٻارن ۾ ڊپريشن، اينزائٽي، چڙچڙاپڻ ۽ ٻين مسئلن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اسڪرينن سامهون گذاريل وقت جيترو وڌيڪ هوندو، ڊپريشن جي علامتن جي شدت به اوتري وڌيڪ هوندي.
تحقيق موجب وڊيو چيٽنگ، وڊيوز ڏسڻ ۽ وڊيو گيمز کيڏڻ سان اهو خطرو وڌيڪ وڌي ويندو آهي.