بالي ووڊ جي ڊانس ڪوئن ۽ ورسٽائل اداڪارا مادھوري ڊڪشت پنهنجي مشهور گاني “ڊولا رے” جي شوٽنگ دوران حامله هجڻ بابت ٿيندڙ دعوائن تي ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪجهه هفتا اڳ ڪوريوگرافر سروج خان جي اڳوڻي ساٿي روبينا خان هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته “ڊولا رے” جي شوٽنگ دوران مادھوري 4 مهينن جي حامله هئي. هن دعويٰ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي گهڻي بحث شروع ٿي ويو ۽ مداح به حيران ٿي ويا.
هاڻي مادھوري ڊڪشت انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن. هن کلندي مختصر طور چيو: “آريان 2003 ۾ پيدا ٿيو هو، ان مان ئي حساب لڳائي سگهجي ٿو.”
مادھوري جي وڏي پٽ آريان نيني جي پيدائش 17 مارچ 2003 تي ٿي هئي، جڏهن ته فلم “ديوداس” 2002 ۾ رليز ٿي هئي.
واضح رهي ته مادھوري ڊڪشت جي شادي 1999 ۾ ڊاڪٽر شري رام نيني سان ٿي هئي، جنهن کان پوءِ هوءَ آمريڪا منتقل ٿي وئي هئي. جوڙي کي ٻيو پٽ ريان 2005 ۾ ڄائو هو.