اداڪارا مومنه اقبال کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري هاءِ پروفائل ڪيس ۾ هاڻي نئون موڙ سامهون آيو آهي، جڏهن سندس وڪيلن دعويٰ ڪئي آهي ته معاملي جي پسمنظر ۾ اڳوڻا لاڳاپا ۽ بعد ۾ پيدا ٿيل پيچيدگيون شامل آهن۔
وڪيلن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ثاقب چڌڙ اڳ ئي شادي شده آهن، ۽ اها ئي ڳالهه هن تڪرار جو بنيادي سبب بڻي۔
نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي آڏو پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مومنه اقبال جي وڪيلن عدنان احسان ۽ رمشا اقبال ٻڌايو ته اداڪارا ۽ ليگي ايم پي اي وچ ۾ 2022 ۽ 2023 دوران لاڳاپا قائم رهيا۔ سندن موجب ايم پي اي طرفان مسلسل شادي جي خواهش ظاهر ڪئي وئي ۽ باقاعده رشتو پڻ موڪليو ويو، پر بعد ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته هو اڳ ئي شادي شده آهن ۽ مبينا طور ٽين شادي جا خواهشمند هئا۔
وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته جڏهن اها حقيقت واضح ٿي ته مومنه اقبال اخلاقي بنيادن تي اهو تعلق ختم ڪري ڇڏيو۔ سندن موجب صورتحال ان وقت خراب ٿي جڏهن اداڪارا جي شادي ڪنهن ٻي هنڌ طئي ٿي وئي، جنهن بعد لاڳاپيل ايم پي اي طرفان مبينا طور دٻاءُ ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو۔ وڪيلن اهو به الزام لڳايو ته ان دوران سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي اداڪارا جي ٿيندڙ مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو۔
هنن واضح ڪيو ته سڀني ڌمڪين ۽ دٻاءَ باوجود مومنه اقبال جي شادي مقرر تاريخ يعني پهرين جون تي ئي ٿيندي۔ وڪيلن جو چوڻ هو ته هراسان ڪرڻ، بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين بابت سمورا ڊجيٽل ۽ دستاويزي ثبوت اين سي سي آءِ اي آڏو پيش ڪيا ويا آهن ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جو رويو مثبت رهيو آهي، جنهن سان انصاف جي اميد وڌي وئي آهي۔
ٻئي پاسي مومنه اقبال ۽ سندس وڪيلن هن معاملي تي فوري نوٽيس وٺڻ تي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هڪ خاتون فنڪاره جي تحفظ لاءِ وقت سر کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن۔