برطانوي ميڊيا انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم کي گذريل 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب انگلينڊ خلاف پاڪستان جون آخري 8 وڪيٽون صرف 74 رنسن تي ڪري پيون، جڏهن ته ماضي جي عظيم بيٽرن جي مقابلي ۾ موجوده پاڪستاني بيٽنگ جو معيار واضح طور تي ڪمزور نظر اچي رهيو آهي.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فاسٽ بالنگ ۾ رفتار ۽ معيار ٻنهي ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته هيڊنگلي جي خشڪ پچ تي به پاڪستاني بالرن انگلش بيٽرن کي خاص پريشاني ۾ مبتلا نه ڪيو. رپورٽ ۾ پاڪستان جي فيلڊنگ تي پڻ تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ڪيترن ئي مس فيلڊز ۽ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ سبب جو روٽ، هيري بروڪ ۽ ڊين لارنس آساني سان رنسون ٺاهيندا رهيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمد رضوان جي وڪيٽ ڪيپنگ ۽ اسپنرن جي جوڙي مان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ ماضي واري جارحاڻي انداز جي ڪجهه جھلڪ ٻيهر نظر اچي سگهي ٿي.