پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي فٽبال ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي انٽرنيشنل آنر بورڊ تي شامل ڪيو ويو آهي
پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ تي ريڪسهم ايف سي مريم محمود کي انٽرنيشنل آنرز بورڊ تي اعزاز ڏنو آهي. مريم محمود ريڪسهم ايف سي وومينز جي انٽرنيشنل آنرز بورڊ تي جاءِ ٺاهيندڙ پهرين عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي.
ڪلب جي آنر بورڊ تي پاڪستان مينز ٽيم جي عمر نواز جو نالو پڻ شامل آهي.
مريم محمود جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل آنرز بورڊ تي پنهنجو نالو ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ۽ فخر محسوس ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي عالمي سطح تي نمائندگي ڪرڻ جو سفر ناقابل يقين رهيو، جڏهن ته ڪلب جي ليجنڊز سان گڏ پنهنجو نالو ڏسڻ سندس لاءِ هڪ غير معمولي احساس آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ تي پنهنجا جذبات بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. پاڪستان لاءِ ڊيبيو ۽ مداحن جي ڀرپور حمايت ناقابل يقين هئي، جڏهن ته آئيوري ڪوسٽ ۾ پاڪستان طرفان ٽي ميچون کيڏڻ هڪ يادگار تجربو رهيو.
مريم محمود وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل کي وڌيڪ کان وڌيڪ متاثر ڪرڻ سندس ذاتي مقصد آهي. ننڍپڻ ۾ سندس ڪا عورت رول ماڊل نه هئي، تنهنڪري کيس خوشي آهي ته هوءَ نوجوان ڇوڪرين لاءِ اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.