ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر

هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر

پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان ابوبڪر جو چوڻ آهي ته پرو ليگ ۾ ڀارت خلاف ٻه ميچون کيڏي چڪا آهيون، اميد آهي ته هن ڀيري پنهنجين غلطين مان سکي بهتر نتيجو حاصل ڪنداسين

پاڪستان هاڪي ٽيم 19 آگسٽ تي ويگنر هاڪي اسٽيڊيم، ايمسٽلوين ۾ ڀارت خلاف اهم ميچ کيڏي رهي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ورلڊ ڪپ 2026 جي پول ڊي ۾ شامل آهن.

پاڪستان هاڪي ٽيم جي اسٽرائڪر رانا وحيد جو چوڻ آهي ته هر لحاظ کان اسان سمجهون ٿا ته هي هڪ اهم مقابلو آهي. اها ڳالهه درست آهي ته اسان کي ويلز خلاف ميچ کٽڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿي سگهيو. البت ڀارت خلاف اسان کٽي سگهون ٿا.

قومي هاڪي ٽيم جي ڪوچ باب جان ويلڊف جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت هڪ سٺي ٽيم آهي ۽ اسان ڀرپور مقابلي لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن اسان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ايندڙ مرحلي تائين پهچي وياسين ته يقيناً اها تمام وڏي فتح هوندي.

هن چيو ته حقيقت ۾ اسان جو فوڪس جاپان ۾ ٿيندڙ ايشيائي گيمز تي آهي، پر ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ تمام وڏو سرپرائز هوندو. ان لاءِ اسان منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، البته اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته اسان ڇا سوچي رهيا آهيون. ها، اسان کي اندازو آهي ته ڀارت جون ڪمزوريون ڪهڙيون آهن، جن تي ميچ دوران ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا.

قومي هاڪي ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر چيو ته ڀارت جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ 14 ماڻهو آهن ۽ هنن پنهنجي هاڪي تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي، اسان کي اڃا وقت گهربل هوندو. البت ڀارت خلاف ميچ ففٽي ففٽي هوندي. اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جڏهن ته دٻاءُ ڀارتي ٽيم تي هوندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي ۽ سندس گهر واري کي قتل جون ڌمڪيون
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي ۽ سندس گهر واري کي ق…
11 Aug 2026
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪر…
21 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026