ملتان: پاڪستان گولڊ، پاڪستان گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو
شامل حسين ۽ سعد خان جي شاندار سينچرين ۽ ڪپتان شاهين آفريدي جي هيٽ ٽرڪ سميت 7 وڪيٽن جي بهترين ڪارڪردگي جي بدولت چيمپئنز ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان گولڊ، پاڪستان گرينز کي 101 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ ٽاس کٽي پاڪستان گولڊ پهريان بيٽنگ ڪئي.
پاڪستان گولڊ جي ٽيم اننگز جي آخري بال تي 340 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽيم طرفان سعد خان ۽ شامل حسين شاندار بيٽنگ ڪندي سينچريون اسڪور ڪيون. سعد خان 112 رنسون، جڏهن ته شامل حسين 111 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان گرينز طرفان فهيم اشرف، شاداب خان ۽ نسيم شاهه 2،2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
341 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان گرينز جي ٽيم شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ سبب 38هين اوور ۾ 239 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. سعد بيگ 67 ۽ عمير يوسف 44 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان گولڊ جي ڪپتان شاهين آفريدي 36 رنسون ڏئي هيٽ ٽرڪ سميت 7 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته رضا الله، مبشر خان ۽ فيصل اڪرم هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.