ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي

پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي

پاڪستاني نوجوان ٽريول ولاگر ۽ ڪوهنورد اسما مشتاق اسپانٽڪ چوٽي جي مهم دوران فوت ٿي وئي. 7 فيبروري 1992ع تي پيدا ٿيل اسما مشتاق کي مهم جوئي، جبلن ۽ قدرتي نظارن سان گهري محبت سبب ڪوهنورداري جي ڪميونٽي ۾ سڃاتو ويندو هو. اسما تازو ئي پاڪستان جي قراقرم جبلن ۾ واقع 7 هزار 27 ميٽر بلند اسپانٽڪ چوٽي سر ڪرڻ واري مهم جو حصو بڻجي هئي. رپورٽن موجب اسما پنهنجي گائيڊ علي اڪبر سان گڏ ڪاميابي سان اسپانٽڪ جي چوٽي سر ڪئي ۽ ان وقت سندس صحت بهتر هئي. تنهن هوندي به چوٽي تان واپسي دوران کيس مبينا طور تي بلند مقام جي بيماري (هاءِ آلٽي ٽيوڊ سڪنِس) ٿي، گائيڊ کيس شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي، پر هوءَ جانبر نه ٿي سگهي. اسما مشتاق جي مڙهه جي واپسي لاءِ قراقرم ڪالنگ ٽريڪس لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهي ۽ سهڪار ڪري رهيو آهي. اسما جي فوت ٿيڻ جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ مرحومه لاءِ مغفرت ۽ بلند درجات جون دعائون ڪيون.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي ۽ سندس گهر واري کي قتل جون ڌمڪيون
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي ۽ سندس گهر واري کي ق…
11 Aug 2026
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي…
19 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026