پرتگال سان تعلق رکندڙ دنيا جي مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو رٽائرمينٽ بابت پنهنجي منصوبن تي ڳالهائي ڇڏيو. ڪرسٽيانو رونالڊو اشارو ڏنو آهي ته هلندڙ سيزن فٽبالر طور سندس ممڪن طور آخري سيزن هوندو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي شاندار ڪيريئر کي الوداع چئي سگهي ٿو. 41 ورهين جي رونالڊو اڱاري ڏينهن پنهنجي ساٿي جورجينا روڊريگز سان شادي ڪئي ۽ هاڻي هو پنهنجي مستقبل کي خاندان جي چوڌاري ترتيب ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رونالڊو شادي کانپوءِ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”هي شايد فٽبال ۾ منهنجو آخري سال هجي، ۽ مان هڪ شاندار ورثو ڇڏي وڃڻ چاهيان ٿو.“ رونالڊو چيو ته هن پنهنجي مستقبل جي مڪمل منصوبابندي ڪري ڇڏي آهي ۽ فٽبال کان پري ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ وٽس ڪيتريون ئي شيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو وڌيڪ تفريح، سفر، پيڊل راند کيڏڻ ۽ ڏسڻ سان گڏ پنهنجي حاصل ڪيل ڪاميابين مان لطف اندوز ٿيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آخرڪار اهو 25 سالن جي قربانين تي ٻڌل سفر رهيو آهي. واضح رهي ته 5 ڀيرا بيلن ڊي اور ۽ 5 ڀيرا چيمپئنز ليگ کٽيندڙ رونالڊو انگلينڊ، اسپين، اٽلي ۽ سعودي عرب ۾ ليگ ٽائيٽلز پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. هو مردن جي عالمي فٽبال ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر پڻ آهي. پرتگال جو ڪپتان گذريل تقريباً چار سالن کان سعودي پرو ليگ جي چيمپئن ٽيم النصر جو حصو آهي، جتي سندس معاهدي جي مدت ۾ اڃا هڪ سال باقي آهي. جڏهن جولاءِ ۾ رونالڊو کان پڇيو ويو ته ڇا هي سندس آخري فيفا ورلڊ ڪپ هوندو، ته هن چيو هو ته هو پنهنجي خاندان سان صلاح مشوري کانپوءِ ”پرسڪون ذهن سان“ ان بابت فيصلو ڪندو.