ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
Meta Platforms خاموشي سان Facebook سان لاڳاپيل هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي آهي

Meta Platforms خاموشي سان Facebook سان لاڳاپيل هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي آهي

Meta Platforms خاموشي سان Facebook سان لاڳاپيل هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي آهي.

“فورم” نالي هن ايپ بابت هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها هن وقت مخصوص ملڪن ۾ آئي فون استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب آهي.

ايپ جي وضاحت مطابق هتي صارف بامعنيٰ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا، حقيقي جواب ڏسي سگهن ٿا ۽ پنهنجي پسند جي ڪميونٽيز جو حصو بڻجي سگهن ٿا.

هي ايپ بنيادي طور تي سوشل ميڊيا سائيٽن Reddit ۽ Quora جهڙي آهي، جتي صارف سوال پڇي سگهن ٿا ۽ ڪميونٽي مان جواب حاصل ڪري سگهن ٿا.

ڊفالٽ طور هن ايپ ۾ Facebook گروپن جو مواد ڏيکاريو ويندو، جيڪو صارف جي دلچسپين تي ٻڌل هوندو.

Facebook موجب، هي ايپ خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي جيڪي فيس بڪ گروپس هلائين ٿا، ۽ انهن لاءِ هڪ نئون اي آءِ اسسٽنٽ پڻ فراهم ڪيو ويندو جيڪو گروپس جي انتظام ۽ مواد جي نگراني ۾ مدد ڪندو.

Facebook زور ڏنو آهي ته هن ايپ جو مقصد حقيقي ماڻهن کان جواب حاصل ڪرڻ آهي.

“فورم” استعمال ڪرڻ لاءِ صارف کي فيس بڪ اڪائونٽ جي ضرورت پوندي.

ممڪن طور تي هن ايپ جو مقصد اربين صارفين کي گڏ ڪري وڌيڪ حقيقي ۽ ڀروسي جوڳا جواب فراهم ڪرڻ آهي.

Meta Platforms جي هڪ ترجمان مطابق، هي ايپ هن وقت ٽيسٽنگ مرحلي مان گذري رهي آهي.

ترجمان چيو ته ڪمپني مسلسل نيون پراڊڪٽس آزمائي ٿي ته جيئن ماڻهن جي دلچسپين کي بهتر سمجهي سگهجي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
موبائل شوقينن لاءِ خوشخبري، 4 وڏن برانڊن جا 62 ماڊل سستا ٿيڻ وارا
موبائل شوقينن لاءِ خوشخبري، 4 وڏن برانڊن جا 62 ماڊ…
23 Jan 2026
Android فون جي اسٽوريج ڀرجڻ جو سڀ کان عام سبب سامهون اچي ويو
Android فون جي اسٽوريج ڀرجڻ جو سڀ کان عام سبب سامه…
25 May 2026
سائنسدانن انٽارڪٽيڪا ۾ نئون راز ڳولي ورتو، اڳ نامعلوم ٻيٽ جو نقشو تيار
سائنسدانن انٽارڪٽيڪا ۾ نئون راز ڳولي ورتو، اڳ نامع…
25 May 2026
گوگل ڪروم ۾ سنگين سيڪيورٽي خاميون ختم، صارفن کي فوري اپڊيٽ جي هدايت ڪروم براؤزر لاءِ اهم سيڪيورٽي اپڊيٽ جاري، هيڪنگ خطري
گوگل ڪروم ۾ سنگين سيڪيورٽي خاميون ختم، صارفن کي فو…
25 May 2026
جيڪڏهن اينڊرائيڊ فون کي گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪيو وڃي ته ڇا ٿيندو؟
جيڪڏهن اينڊرائيڊ فون کي گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪي…
01 Jun 2026
منفرد تجرباتي گاڏي جيڪا هڪ گيلن ايندھن تي 2145 ميل سفر ڪري سگهي ٿي
منفرد تجرباتي گاڏي جيڪا هڪ گيلن ايندھن تي 2145 ميل…
01 Jun 2026
گوگل کليل ماحول ۾ لکين مڇر ڇڏڻ جو منصوبو ڇو ٺاهي رهيو آهي؟
گوگل کليل ماحول ۾ لکين مڇر ڇڏڻ جو منصوبو ڇو ٺاهي ر…
02 Jun 2026