پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي موجوده هيڊ ڪوچ عاقب جاويد جي ڌيءَ عاقبه عاقب برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. عاقب جاويد، سندس گهرواري ۽ خاندان جا ٻيا ڀاتي ڌيءَ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ برطانيا ۾ موجود آهن. شادي جي تقريب ۾ عروس عاقبه عاقب روايتي ڳاڙهي عروسي لباس بدران سفيد رنگ جو جوڙو پهريل نظر آئي. سوشل ميڊيا تي شادي جي تقريب جي هڪ وڊيو پڻ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ عاقبه عاقب جي دوستن کي گلن جا گلدستا کڻي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته عاقب جاويد پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي کيس شادي جي تقريب جي مرڪزي مقام تائين وٺي ويندي نظر اچن ٿا. وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مختلف تبصرن جو سلسلو جاري آهي ۽ صارفين عاقب جاويد کي ڌيءَ جي شادي تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن.