ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر سارو گنگولي ۽ سندس گهر واري ڊونا گنگولي کي مبينا طور تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون مليون آهن۔
ڀارتي ميڊيا موجب گنگولي خاندان ۽ سندس پرسنل اسسٽنٽ پاران پوليس ۾ داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته تازو ڌمڪي وارو خط سومر ڏينهن بنگال ڪرڪيٽ جي صدر جي آفيس ۾ کوليو ويو۔
خط مڪمل طور تي انگريزي ۾ لکيل هو، جنهن ۾ گنگولي ۽ سندس خاندان کي ’ختم‘ ڪرڻ يا ’جان کان مارڻ‘ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون۔
خانداني ذريعن موجب گذريل 6 مهينن کان اهڙا خط ملي رهيا هئا، جن کي شروعات ۾ حد کان وڌيڪ پرجوش مداحن پاران موڪليل خط سمجهي نظرانداز ڪيو ويو، پر تازو خط ۾ استعمال ٿيل جارحاڻي ٻولي ۽ مسلسل ڌمڪين سبب خاندان معاملو پوليس تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو۔
سارو گنگولي جي خاندان پاران مقامي پوليس اسٽيشن ۾ باقاعده لکيل شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته رياستي حڪومت جي سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ کي پڻ صورتحال کان آگاهه ڪندي فوري قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔
شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان نامعلوم ماڻهن پاران گنگولي خلاف نازيبا ۽ اعتراض جوڳن تبصرن تي ٻڌل خط ملي رهيا هئا، پر انهن کي شروعات ۾ ذاتي ناراضگي يا گنگولي کي ناپسند ڪندڙ ڪنهن شخص جي حرڪت سمجهيو ويو۔
شڪايت موجب تازو ڏينهن ۾ سارو گنگولي ۽ ڊونا گنگولي جي نالي ٻه خط مليا، جن ۾ نه رڳو گنگولي خلاف نفرت انگيز تبصرا ڪيا ويا، پر گنگولي، سندس گهر واري ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي جان ۽ سلامتي لاءِ پڻ سنگين خطرن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون۔
پوليس موجب ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ڌمڪي وارا خط ڪوريئر ذريعي گنگولي جي رهائشگاهه تي موڪليا ويا هئا۔
پوليس اختيارين گنگولي جي پرسنل اسسٽنٽ کي يقين ڏياريو آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سارو گنگولي ۽ سندس خاندان جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن۔