ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
ليام ليونگسٽن جا ميڪلم ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ تي سنگين الزام

ليام ليونگسٽن جا ميڪلم ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ تي سنگين الزام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر ليام ليونگسٽن انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران سندس انگلينڊ ٽيم جي مئنيجمينٽ سان رڳو ٻه ڀيرا مختصر فون ڪالز تي رابطو ٿيو.

ليام ليونگسٽن کي گذريل سال جي شروعات خراب ڪارڪردگي کانپوءِ انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو.

هن مئنيجمينٽ تي الزام لڳايو آهي ته بورڊ کيس مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي، هاڻي سندس واپسي جا امڪان گهٽ آهن.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر روب ڪي جي دور ۾ ٽيم جو ماحول مايوس ڪندڙ رهيو.

ليام ليونگسٽن موجب، کيس چيو ويو ته هو گهڻي ڳڻتي ڪري ٿو، جڏهن ته ٽيم ۾ هڪ خاص ڌڙي کان ٻاهر رانديگرن جو خيال نه رکيو ويندو آهي.

هن چيو ته چيمپئنز ٽرافي سندس ڪيريئر جو بدترين تجربو هئي ۽ کيس ڏنل ڪردار سندس صلاحيتن جو زيان هو.

سندس چوڻ هو ته گذريل سال مئي ۾ هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم فون ڪري ٻڌايو ته کيس ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سليڪٽر ليوڪ رائيٽ يا ڪپتان هيري بروڪ طرفان ڪا وضاحت نه ڪئي وئي، رڳو هڪ ٽيڪسٽ پيغام مليو.

انگلش آل رائونڊر چيو ته ان کانپوءِ روب ڪي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي، پر کيس ٻڌايو ويو ته هو مصروف آهي ۽ سيپٽمبر تائين ڪو رابطو نه ٿيو، ان کانپوءِ کيس چيو ويو ته سندس سينٽرل ڪانٽريڪٽ به ختم ٿي ويو آهي.

ليام ليونگسٽن چيو ته هو اڃا به پاڻ کي انگلينڊ جي بهترين وائيٽ بال رانديگرن مان هڪ سمجهي ٿو.

هن چيو ته ٽيم ۾ پنهنجو ڪردار کيس پسند نه هو، جتي کيس ڇهين بالر طور کيڏايو ويندو هو ۽ 7 نمبر تي بيٽنگ ڪرائي ويندي هئي، جيڪا سندس صلاحيتن سان ناانصافي هئي.

واضح رهي ته ليام ليونگسٽن ڪجهه مهينا اڳ انگلينڊ جي ڪپتاني به ڪري چڪو آهي، جتي هن ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ميچ ۾ 124 رنس جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري هئي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي سندس مقصد رڳو ڪرڪيٽ مان لطف اندوز ٿيڻ آهي ۽ هو اهڙي ڪنهن به شيءَ جو حصو نه بڻجندو جيڪا کيس خوشي نه ڏئي.

ٻئي پاسي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو ڊوميسٽڪ ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ سٺو کيڏي ٿو ته کيس چونڊ لاءِ غور هيٺ آندو ويندو.

ليام ليونگسٽن هن وقت فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ سرگرم آهي ۽ آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد سان معاهدو پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ کيڏي ويندڙ فرنچائز ڪرڪيٽ جي پهرين پسند آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
  نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه رکي ته ٽيم مان نڪرندو: فيصل ايوب
نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه …
03 Apr 2026
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏندي
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏند…
03 Apr 2026
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون پرڏيهي رانديگر بڻجي ويو
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون…
16 Apr 2026
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو …
18 Apr 2026
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 256 رنسن جو هدف
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪام…
20 Apr 2026
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتا…
14 Jul 2026
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپ…
15 Jul 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ …
16 Jul 2026
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ هوا جي معيار بابت الرٽ جاري
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ…
17 Jul 2026
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بحالي پروگرام تي رضامند، عارضي معطلي ختم
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بح…
17 Jul 2026