آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن فيفا جي صدر جاني انفانٽينو جي حمايت واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آئرش فٽبال ايسوسيئيشن فيفا کي خط لکي حمايت واپس وٺڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته تازن واقعن سبب گورننس، شفافيت ۽ مشاورت بابت سنگين خدشا پيدا ٿيا آهن. اتر آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن پڻ يوئي ايف اي جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ يوئي ايف اي، ڪونڪاڪاف ۽ ايشيائي فٽبال ڪنفيڊريشن به انفانٽينو تي اعتماد ٽوڙڻ جا الزام لڳائي چڪا آهن. آئرش فٽبال ايسوسيئيشن جو حمايت واپس وٺڻ جاني انفانٽينو جي فيفا صدر طور چوٿين مدي لاءِ ڪوشش لاءِ وڏو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته ويلز فٽبال ايسوسيئيشن انفانٽينو جي حمايت واپس وٺڻ واري پهرين هوم نیشن هئي، جڏهن ته انگلش فٽبال ايسوسيئيشن پڻ جاني انفانٽينو جي حمايت کان پوئتي هٽي چڪي آهي.