ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
پي ايس ايل: ڇا بابر اعظم پشاور زلمي کي ٻيهر بُلندين تي پهچائي سگهندو؟

پي ايس ايل: ڇا بابر اعظم پشاور زلمي کي ٻيهر بُلندين تي پهچائي سگهندو؟

پشاور زلمي پاڪستان سُپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن ۾ 2025 جي هڪ غير معمولي مهم کانپوءِ داخل ٿي رهي آهي، جيڪا گروپ اسٽيج تي ختم ٿي وئي هئي.

اهو پهريون ڀيرو هو جو، جو پي ايس ايل جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مستقل ٽيمن مان هڪ سمجهي ويندڙ پشاور زلمي پلي آف تائين نه پهتي.

پشاور زلمي پاڪستان سپر ليگ گذريل سمورن 9 ايڊيشنز ۾ پلي آف ۾ پهتي هئي ۽ 2017 (چيمپئن)، 2018 ۽ 2019 ۾ لڳاتار ٽي فائنل کيڏيا هئا.

جيتوڻيڪ ٽيم گذريل سيزن جي ڀيٽ ۾ اسڪواڊ ۾ ڪيئي تبديليون ڪيون آهن، پر ڪپتاني اڃا تائين بابر اعظم وٽ آهي، جنهن کي 70 ملين پاڪستاني رپين ۾ برقرار رکيو ويو ۽ هو 2023 کان ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي.

طاقت

ٽيم جو آل رائونڊرز جو جوڙ جنهن ۾ ايرون هارڊي، مائيڪل بريسويل، افتخار احمد ۽ عامر جمال شامل آهن، پليئنگ اليون کي متوازن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

لاهور جي هاءِ اسڪورنگ پچن تي هارڊي ۽ جمال کي کيڏائي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪراچي جي اسپن فرينڊلي ڪنڊيشن ۾ بريسويل ۽ افتخار کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

پشاور زلمي ٽيم وٽ نوجوان باصلاحيت ملڪي رانديگر پڻ موجود آهن، جيڪي علائقائي ۽ انڊر-19 سطح تي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪا آهن.

عبدال سبحان ۽ علي رضا انڊر-19 ورلڊ ڪپ ۾ سڀني کي متاثر ڪيو، جڏهن ته فرحان يوسف نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بهترين اسڪور ڪيا.

ان کانسواءِ عبدال صمد ۽ صوفيان مقيم به اسڪواڊ جو حصو آهن.

ڪمزوريون

زلمي جي بيٽنگ گهڻو ڪري بابر اعظم جي چوڌاري ڦري رهي آهي، جيڪو اينڪر جو ڪردار ادا ڪري ٿو، پر 2025ع ۾ هن رڳو 288 رنسون ٺاهيون، جيڪا سندس بدترين سيزن مان هڪ هئي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به بابر جي ڪارڪردگي معمولي رهي ۽ کيس آخري ميچ ۾ اسڪواڊ مان ڊراپ پڻ ڪيو ويو، تنهنڪري سندس فارم تي سڀني جون نظرون کتل هونديون.

ٽيم کي فاسٽ بالنگ پلان ۾ به ڦيرفار ڪرڻي پوندي، ڇو ته بنگلاديشي رانديگر تنزيد حسن، ناهيڊ رانا ۽ شريف الاسلام 17 اپريل کان نيوزيلينڊ خلاف سيريز سبب ٽورنامينٽ اڌ ۾ ڇڏي سگهن ٿا.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
  نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه رکي ته ٽيم مان نڪرندو: فيصل ايوب
نسيم لاءِ 2 ڪروڙ ڏنڊ ٿوري سزا آهي: زبان قابو نه …
03 Apr 2026
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏندي
آسٽريليا جي ٽيم زمبابوي ۾ وڏي عرصي بعد سيريز کيڏند…
03 Apr 2026
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون پرڏيهي رانديگر بڻجي ويو
رائلي روسو پي ايس ايل ۾ 100 ميچون مڪمل ڪندڙ پهريون…
16 Apr 2026
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
قومي سائيڪلسٽ نتاليه خان 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو …
18 Apr 2026
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 256 رنسن جو هدف
بابر اعظم جي شاندار سينچري، پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪام…
20 Apr 2026
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل
ايشين انڊر 18 والي بال چيمپئن شپ: پاڪستان جي لڳاتا…
14 Jul 2026
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپورٽس کي لازمي قرار
قومي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊگهي تربيتي ڪيمپن دوران پيڊل اسپ…
15 Jul 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا انگلينڊ …
16 Jul 2026
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ هوا جي معيار بابت الرٽ جاري
ڪينيڊا جي جهنگلن ۾ باهه: فيفا ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ…
17 Jul 2026
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بحالي پروگرام تي رضامند، عارضي معطلي ختم
محمد نواز اينٽي ڊوپنگ ضابطي جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، بح…
17 Jul 2026