جيڪڏهن توهان جي اسمارٽ فون جي اسٽوريج 95 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ ڀرجي وڃي ته ان سان ڊوائيس جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي۔ ماهرن موجب گهڻيون ايپس انسٽال ڪرڻ ۽ انهن جي cache فائلز صاف نه ڪرڻ سڀ کان عام غلطي آهي، جيڪا اينڊرائيڊ فون جي اسٽوريج جلدي ڀري ڇڏيندي آهي۔ سوشل ميڊيا ايپس جهڙوڪ انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بڪ مسلسل بئڪ گرائونڊ فائلز ۽ cache گڏ ڪنديون رهن ٿيون، جنهن سبب فون سست ٿي ويندو آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته غير ضروري ايپس ۽ پراڻيون گيمز ڊليٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ سيٽنگز ۾ وڃي cache صاف ڪرڻ سان فون جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي۔